ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قبضا ??رو??ن جي خلاف ڪارروائي تي پنجاب حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ايندي آهي، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آهي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پنجاب جي عوام کي هيلٿ ۽ انشورنس ??ي سهولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ سال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺاهي ويندي، مقامي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قبضا ??رو??ن جي خلاف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جهڙي طرح هن قبضا ??رو?? جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آهي، قبضا ??رو?? هڪ لعنت آهي جيڪي غريبن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ز??ينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي محنت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قبضا ??رو??ن جي اڳيان بيوس هوندا هئا.