ملتان -30 جنوري (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڊينئل پر?? ڪيس ۾ بري ٿيندڙ عمر شيخ کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن. آمريڪي پ??ڏي??ي وزير اينٿوني بلنڪين سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مان نئين آمريڪي پ??ڏي??ي وزير کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بلنڪين جا تجربا خطي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. آمريڪي پ??ڏي??ي وزير کي وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پ??ڏي??ي وزير کي هڪ عدالتي فيصلي تي تشويش هئي جنهن تي هن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هن عدالتي فيصلي تي نظرث??ني جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي حڪومت ڊينئل پر?? جي قاتلن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي ۽ اسان جي به اها ئي خواهش آهي ته ڊينئل پر?? جي خاندان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻه طرفا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ مان هن کي عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. مان هن کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ هتي آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ??ي حڪومت ڪرپشن، مني لانڊرنگ خلاف ٺوس قدم کڻي رهي آهي.