اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي مل?? ۾ گذريل 24 ڪلاڪند وران ڪورونا وائرس سبب 40 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حولي سان تازا انگ اک?? جاري ڪري ڇڏ??ا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اک??ن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي مل?? ۾ 3 هزار 449 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 41 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 53 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرات ۾ 75 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 32 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 845 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 527، پنجاب ۾ 15 هزار 818، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 443، اسلام آباد ۾ 7 هزار 291، بلوچستان ۾ 453، گلگت بلتستان ۾ 289، آزاد ڪشمير ۾ 1024 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 78 هزار 314 ٿي چڪو آهي.