اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ آءِ ٽي جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، آءِ ٽي جي ش??بي ۾ خاص طور تي ڪوويڊ دوران تعليم يافته نوجوانن جي لاءِ تمام گهڻا موقعا پيدا ٿيا آهن، خاص طور تي ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ آءِ ٽي جي ش??بي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ ج?? حوالي سان اجلاس جي صدا??ت ڪندي ڪيو.