اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ آئي ووٽنگ سسٽم تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موثر چونڊ طريقيڪار نه هجڻ سبب سمنڊ پار پاڪستاني چونڊ عمل ۾ حصو نه ٿا وٺي سگهن، ان مقصد جي لاءِ آئي ووٽنگ جو موثر ۽ فول پروف نظام جوڙيو وڃي. هو ايوان صدر ۾ آئي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽي??نالاجيز تي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي مٽاسٽا جي ناڻي ذريعي ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. موثر چونڊ طريقيڪار نه هجڻ سبب سمنڊ پار پاڪستاني چونڊ عمل ۾ حصو نه ٿا وٺي سگهن.