اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي س??ير نواف بن سعيدالمالڪي ۽ انٽرنيشنل اسلامڪ يو??يورستي اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي سان ملاقات دوران ڪيو. ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي گورننس ۽ تعليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يو??يورسٽي جي نئين اسٽريٽجڪ پلان بابت صدر کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يو??يورسٽي شاگردن کي فاصلاتي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون شعبو قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪ – سعودي عرب لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندي. صدر چيو ته مئي 2021ع ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري، جولاءِ 2021ع ۾ سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته ايڇ اي س?? جي نئين پاليسي يو??يورسٽين ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ، شاگردن کي صحتمند ۽ ??عا?? ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، خاص طور تي شاگردن کي س??ورن اد??را??اتي چارجز بشمول ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يو??يلٽي بلز جي مد ۾ ڇوٽ ڏني ويندي.