اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ نئين صورتحال کي نئين تناظر سان ڏسندي ۽ هڪ حقيقت پسنداڻي ۽ زميني حقيقتن مطابق سوچ اختيا?? ڪندي اڳيان وڌڻ گهرجي، اس??ن کي افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. افغانستان جو اس??حڪام پاڙيسري ملڪن جي سڌي ريت مفاد ۾ آهي، عالمي برادري ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي، سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اعتماد ملندو. اهڙو اظهار هن افغانستان جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي پرڏيهي وزيرن جي ورچوئل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان ڪئي. جڏهن ته ورچوئل ڪانفرنس ۾ چين، ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ ٿيل واقعن اس??ن جي خطي کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، غير متوقع ۽ اوچتو ٿيل انهن واقعن سان اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڏهاڪن کان جاري خونريزي ناهي ورجائي وئي. ڊگهو تڪرار ۽ گهرو ويڙهه جو امڪان في الحال ٽري ويو آهي، پر ان باوجود صورتحال پيچيده ۽ غير مستحڪم آهي. هڪ ڳالهه يقيني آهي ته اس??ن سڀ افغانستان ۾ تبديل شده حقيقت کي ڏسڻ ۾ مصروف آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته طالبان عبوري حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اس??ن ان اڳڀرائيءَ کي ڏسي رهيا آهيون، اس??ن کي اميد آهي ته سياسي صورتحال جلد کان جلد مستحڪم ٿيندي ۽ حالت??ن بهتريءَ طرف وينديون. هن چيو ته اس??ن جي ڪوششن جو بنيادي محور افغان عوام جي ڀلائي ۽ بهتري هئڻ گهرجي جيڪا قوم 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تڪرار هيٺ آهي ۽ عدم اس??حڪام سبب بي پناهه ڏُکيائين کي مُنهن ڏنو آهي. افغانستان ۾ ٿيل واقعا سمورن ڇهن پاڙيسري ملڪن لاءِ واضح خراب تناظر ۾ آهن، اس??ن ويجهن رابطن ۽ ڀائيچاري تي اتفاق ڪيو هو. هن چيو ته هاڻي تائين ٿيل مشاورت سان هيٺان معاملا سامهون آيا آهن جن تي بدلجندڙ صورتحال ۾ گڏيل سوچ برقرار آهي، جهڙوڪ سرحدن جي سلامتي جي صورتحال، افغان ڌرتيءَ کي دهشتگرد تنظيمن هٿان اس??عمال ٿيڻ کان بچائڻ، پناهگيرن جي نئين لهر جي ايندڙ امڪان، منشيات ۽ ڊگهي مُدي وارن ڏوهن جي روڪٿام، انتهاپسند عنصرن کي روڪڻ، ڪورونا وبا بابت ڏُکيائين جا مسئلا، خطي کي ڳنڍڻ ۾ درپيش رڪاوٽون شامل آهن. هن چيو ته اس??ن به ان ڳالهه تي اتفاق ڪريون ٿا ته افغانستان ?? امن قائم ٿي وڃي ته ان جا تمام گهڻا فائدا آهن جنهن سان خطي جون سرحدون محفوظ ٿينديون ۽ افغانستان ڌرتيءَ تان دهشتگرديءَ جو خطرو ٽري ويندو، افغان پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جا امڪان روشن ٿي ويندا، معاشي اس??حڪام ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري ايندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پُرامن، مستحڪم، خوشحال خطي لاءِ اس??ن جي گڏيل سوچ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ افغانستان کي ان قابل بڻائڻو پوندو ته اهي ان آزمائش جي گهڙيءَ مان نڪرن ۽ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آڻين. اس??ن جي سوچ ۾ ڪيترائي اهم نُڪتا ۽ ترجيحون آهن جيڪي ان رُخ ۾ اس??ن جي ڪوششن ۾ اس??ن جي رهنمائي ڪن ٿيون. پهريان ته اس??ن کي افغان عوام سان گڏجي مڪمل اعتماد ڪرڻ لاءِ انهن جي حمايت ڪرڻي پوندي. ٻيو اس??ن کي هڪ متحد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي سطح تي سلامتيءَ واري افغانستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو. ٽيون اس??ن کي ان ڳالهه تي زور ڀرڻو پوندو ته افغان مسئلي جو افغانين کي ئي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. چوٿون اس??ن کي واضح ڪرڻو آهي ته افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن به ملڪ خلاف اس??عمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. پنجون اس??ن کي افغان ڊگهي مُدي واري اهميت کي سمجهندي قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڀرڻو پوندو. هن چيو ته هاڻوڪي اڳڀرائيءَ جي تناظر ۾ اهم ترجيحيات اهي شامل آهن ته انساني نوعيت جو بحران جنم نه وٺي جنهن سان افغانين جون ڏُکيائون وڌيڪ وڌي وينديون. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري خاص طور تي ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي. سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اُميد ملندي. پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته پاڙيسري ملڪ ان اهم پليٽ فارم کي مستقل ۽ باضابطه مشاورتي نظام ۾ تبديل ڪن ۽ مستقبل ۾ افغانستان کي ان ۾ گُهرائڻ لاءِ به سوچي سگهجي ٿو. افغانستان جي ان ۾ شموليت سان فورم جو اثرائتو هجڻ ۽ افغانستان ۾ جٽادار امن ۽ اس??حڪام جي اس??ن جي گڏيل مقصدن تي اڳڀرائيءَ کي هٿي ملندي. افغانستان جي اس??حڪام ۾ پاڙيسري ملڪن جو سڌيءَ ريت مفاد آهي، عالمي برادريءَ لاءِ اس??ن جو گڏيل آواز پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي پيغام کي طاقت ڏيندو.