اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي من??قلي جي اهم??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته من??سب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽويوٽا انڊس موٽرز ڪمپني پاڪستان جي وائيس چيئرمين شنجي يناگي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، توانائي وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر ۽ لاڳا??يل سينيئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا موٽرز هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي پيداوار جي لاءِ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي. وزيراعظم ٽويوٽا موٽرز جي فيصلي کي موسمياتي تبديلي ک منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ذڪر جوڳو قدم قرار ڏنو. وزيراعظم لاڳا??يل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي عاليم آٽو ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪن. وزيراعظم گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان ٽويوٽا موٽرز جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي من??قلي جي اهم??ت تي زور ڏيندي چيو ته من??سب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي.