اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته پي ايم ڊي اي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف سب ڪميٽي جوڙي، عين وقت تي سب ڪميٽي جي اجلاس کي ملتوي ڪر?? مريم اورنگزيب سميت مخالف ڌر پارليامينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪر?? رهي آه??. سومر ڏينهن مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اها سب ڪميٽي مسلم ليگ ن جي مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ جوڙي وئي، سب ڪميٽي جو اڄ سومر تي پهريون اجلاس پاڻ گهرائي عين وقت تي ملتوي ڪيو ويو، پارليامينٽ کي مض??وط ڪرڻ جو سبق ڏيندڙن جو منافقاڻو رويو کلي سامهون اچي ويو آه??. هن چيو ته انهن لاءِ ميڊيا جي ڊولپمينٽ، فيڪ نيوز جي خاتمي ۽ روڪنگ جرنلسٽ ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، وقت سر پگهارن جي ادائيگي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڪا دلچسپي نه آه??.