اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي تي سول ۽ عسڪر?? قيادت هڪ پيج تي آهي، پاڪست??ن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به سول ۽ عسڪر?? قيادت جي ايترا بهترين لاڳاپا نه رهيا آهن جيترا اڄ آهن، ??ن جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ڏانهن وڃي ٿو، افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال پوري دينا جي لاءِ نقص??ن جو باعث بڻجي سگهي ٿي، ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب عالمي سطح ت?? قيمتن ۾ اضافو آهي، مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئي آهي، نومبر جي مهيني ۾ ٽي وڏا پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آهن، وزيراعظم پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي س??ن ملهايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اس??ن جو فوڪس افغانستان تي هو، وزيراعظم پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي افغانست??ن جي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو، پاڪست??ن جو موقف آهي ته هن وقت افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، انساني همدردي جي جذبي سان افغانستان لاءِ امداد جاري رهڻ گهرجي، هن چيو ته اسان افغانستان لاءِ ويزا ۾ سهولت فراهم ڪئي، افغانستان سان واپار کي وڌايو آهي، اسان افغانستان ۾ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته دنيا به افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏي، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ۽ اتي عدم استحڪام پيدا ٿيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروپ پنهنجي جڳهه بڻائي سگهن ٿا، اهڙي صورتحال افغانست??ن جي سان گڏوگڏ دنيا ۽ پاڪستان لاءِ به نقص??ن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته افغانستان ۾ استحڪام لاءِ دنيا کي پنهنجون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ وزيراعظم جا خوشگوار ۽ ويجها لاڳاپا آهن، سموري نقطه نظر تي اسان گڏجي ويهي ڳالهيون ڪندا آهيون، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي حوالي س??ن معاملي تي به صورتحال اها ئي رهي، هن چيو ته پاڪست??ن جي تاريخ ۾ ڪڏهن سول ۽ عسڪر?? قيادت جا ايتري بهترين لاڳاپا ناهن رهيا جيتري اڄ آهن، ??ن جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ڏانهن وڃي ٿو جنهن سدائين پاڪستان ۽ جمهوريت ۽ سول حڪومت کي اداره جاتي سپورٽ ڏني، اڄ پاڪست??ن جي عوام کي فوج جي عزت ۽ وقار عزيز آهي. هن چيو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي مقرري بابت معاملا مڪمل طور تي طئي ٿي چڪا آهن، پراسيس شروع آهي، ??ن جي مقرري جلد ٿيندي، ان تي سول ۽ ملٽري ٻئي پاس آن بورڊ آهن، اعتماد جي فضا ۾ اهو فيصلو ٿيندو، وفاقي وزير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي تي به ڳالهه ٿي، هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب عالمي سطح تي شين ج?? قيمتن ۾ اضافو آهي، پيٽرول ج?? قيمت 40 ڊالر في بيرل مان وڌي 80 ڊالر في بيرل کان ٽپي وئي آهي، 2018ع ۾ پام آئل ج?? قيمت 518 کان 520 ڊالر ميٽرڪ ٽن هئي جيڪا اڄ 1200 ڊالر جي ويجهو آهي، هن چيو ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئي آهي، نومبر جي مهيني کان اسان ٽي وڏا پروگرام شروع ڪري رهيا آهوين، جنهن ۾ صحت ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آهن، صحت ڪارڊ خبرپختونخوا ۾ ملي چڪو آهي، هاڻي پنجاب جي عوام کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جنهن تحت پنجاب جي هر خاندان ساڍا 7 لک روپين جو ميڊيڪل انشورنس حاصل ڪري سگهندو. هن ٻڌايو ته صحت ڪارڊ جي فراهمي جو سلسلو نومبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين مڪمل ٿي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته احساس ڪارڊ جي لاءِ سموري ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي، غريب ۽ پوئتي پيل ماڻهن کي احساس ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو. احساس ڪارڊز جي ذريعي غريب ماڻهو نه رڳو يوٽيليٽي اسٽورز پر عام دڪانن تان به سستيون شيون خريد ڪري سگهندا، چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب حڪومت مزدور ڪارڊ جاري ڪري رهي آيه جنهن س??ن مزدورن کي فائدو ٿيندو، آبادگارن کي سبسڊي جي فراهمي لاءِ آبادگار ڪارڊ به جاري ڪيو پيو وڃي، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي س??ن ملهايو وڃي. وزيراعظم 12 ربيع الاول جي موقعي تي رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 12 ربيع الاول تي ٻه وڏيون تقريبون ٿينديون، هڪ تقريب ايوان صدر ۾ ٻي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندي، وزيراعظم وڏي مذهبي ميڙ کي خطاب ڪندو، هن چيو ته سمورن ٽي وي چئنلز کي درخواست ڪئي وئي آهي ته رحمت اللعالمين ﷺ جي حوالي س??ن موضوعن تي پروگرام نشر ڪيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آهي، ??ن جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين.