اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولاد?? مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي اڄ اربع کان روس جو ٻن ڏ??نهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ هوندا. وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول ن??ئب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳاله?? ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏ????ڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.