اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو ملڪي معيشت ۾ ??هم ڪردار ادا ??ري سگهن ٿا، هن ملڪي ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم يوٿ يونيورسٽي جي پهرين ڪانووڪيشن کي خط??ب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته عورتن کي معاشرتي ترقي ۾ برابر حصيدار جي طور تي موقعا نٿا ملن جنهن جي باعث ملڪ ۾ حقيقي خوشحالي نه آئي. هن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي شموليت يقيني بڻائڻ ۽ عوامي جاين تي انهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته عورتن کي آن لائن اي بزنس ۽ پارٽ ٽائيم نوڪرين ۾ موقعا فر??هم ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي پيشي سان وابسته رهن. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام ۽ بئنڪن پاران جاري ٻين قرض اسڪيمن جي ??ري وسيع موقعا پيدا ٿيا آهن، گريجوئيٽس انهن موقعن مان فائدو کڻن ۽ پنهنجي پيشيوراڻي شعبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪن. هن گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته هو پنهنجي زندگين ۾ ڪاميابي لاءِ ايمانداري، ديانتداري جو مظاهرو ڪن?? انسانيت کانسواءِ تعليم جي ڪا به اهميت نه آهي. هن چيو ته دنيا پناهگيرن لاءِ دروازا بند ??ري انساني قدر نظرانداز ??ري رهي آهي. پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ميزباني ??ري اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪيو. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪن??ڙ گريجوئيٽس ۾ ايوارڊ ورهايا.