اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) گهرو وز??ر شيخ رشيد احمد چيو آيه ته سنڌ هائوس مخالف ڌر اسٽاڪ ايڪسچينج بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ هائوس جي وڊيو وز??راعظم عمران خان جي وڏي سپورٽ ثابت ٿيندي، شهباز شريف قومي حڪومت جو مشورو ڏئي نواز شريف جي بيانيي کي پٺي ڏئي ڇڏي، سنڌ هائوس ۾ هارس ٽريڊنگ عروج تي آهي، هارس ٽريڊنگ خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ اتحادي?? کي چوان ٿو ت?? وز??راعظم سان اچن، ملڪ ۾ ڪنهن سياسي ٽڪراءُ جي گنجائش ناهي، چاهيون ٿا ته جلسن جا فيصلا افهام و ت??هيم سان ٿين، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي چارئي ميچون لاهور منتقل ڪيون آهن، ناراض ايم اين اي کي چئي رهيو آهيان ته اهي واپس اچ?? کين ڪجهه نه چيو ويندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ت?? 23 مارچ تي پاڪستان جي عظيم فوج جي پريڊ آهي، 24 مارچ کان 3، 4 اپريل تائين پاڪستان جي سياست ۾ گهماگهمي جا ڏينهن آهن، سڀ پارٽيون پنهنجو فيصلو پاڻ ڪنديون، ڪوبه اتحادي ڪنهن جي چوڻ تي ناهي، چاهيون ٿا ته جمهوريت کي کُلي ڇوٽ هجي. عوام آزاديءَ سان ووٽ وِجهي، 25 مارچ تي مخالف ڌر جڏهن ته 27 مارچ تي حڪومت جو جلس?? ٿيندو، 27 تاريخ تي وز??راع??م جي ريلي ڀرپور انداز ۾ هوندي ۽ 27 مارچ تي وز??راعظم سڀ کان وڏي ريليءَ کي خطاب ڪندو. وز??راعظم 10 لک ماڻه?? کي ڪال ڏني آهي ۽ يقين آهي ته مخالف ڌر جون جماعتون پڻ پنهنجو جلسو ڪنديون، اسان تي سيڪيورٽي جون ڪافي ذميداريون آهن، ملڪ جي سياسي صورتحال لاءِ اسان وٽ نفري بهتر آهي. شيخ رشيد چيو ت?? ميڊيا جو شڪريو جن اسا?? کي 10 يا 12 چهرا ڏيکاريا جيڪي سنڌ هائوس ۾ لِڪا ويٺا هئا، اهي ماڻهو ڇو لِڪي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ جو گهرو وز??ر کين چئي رهيو آهي ته ڪجهه به نه ٿيندو، اسان اوها?? کي سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين، اسان وٽ تمام اڳ اها اطلاع هئي، اسان جا 10-12 ماڻهو ڪٿي آهن، منحرف ميمبر?? کي اپيل ڪريان ٿو ت?? واپس اچي وڃن، اوها?? کي ري پينٽنگ ڪنداسين، اوها?? کي ڪجهه به نه چيو ويندو. ائين نه ٿئي جو وقت گذري وڃي ۽ اوهان پنهنجي تڪن ۾ واپس نه وڃي سگهو، وڊيو ۾ جنهن جو چهرو نظر اچي رهيو آهي عوام ان جو چهرو ڪارو نه ڪري، پي ٽي آءِ جا ماڻهو جيڪي 9 يا 12 آهن اهي پنهنجن گهرن کان پڻ پُڇن. وفاقي وز??ر چيو ت?? پي ٽي آءِ ۾ هڪ ئي ليڊر آهي ان جو نالو عمران خان آهي، منهنجو تعلق ان جماعت سان نه صرف عمران خان سان آهي ۽ شيخ رشيد وز??راعظم عمران خان سان چٽان وانگر بيٺل آهي، هارس ٽريڊنگ خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ ريفرنس کانپوءِ عدم اعتماد جي خبر ناهي ڪٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وز??ر چيو ت?? شهباز شريف قومي حڪومت جو مشورو ڏئي نواز شريف جي بيانيي کي پٺي ڏئي ڇڏي آهي، جمهوريت کي ڇانگا مانگا مري نه ٺاهيو. شيخ رشيد چيو ت?? جيڪو ڪجهه سنڌ هائوس ۾ ٿي رهيو آهي، مان ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جو حامي هئس ۽ ان بابت سمري وز??راعظم کي پيش ڪئي پر فيصلو نه ٿي سگهيو. سنڌ هائوس ۾ خريد ۽ وِڪر?? ٿي رهيو آهي، هن چيو ت?? سنڌ هائوس کي اسٽاڪ ايڪسچينج بڻايو ويو آهي، سنڌ هائوس جي وڊيوز وز??راعظم کي وڏي سپورٽ ڪندي. چور جا پير نه هوندا آهن، اراده قتل ڪرڻ وارو ۽ قتل ڪندڙ ٻئي مجرم هوندا آهن، اسان سنڌ هائوس نه پيا وڃون اسان چاهيون ٿا ته معاملو افهام و ت??هيم سان حل ٿئي، جمهوريت هڪٻئي جي ڳالهه ٻُڌڻ جو نالو آهي. وز??ر داخلا طور يقين ڏياريان ٿو ت?? ڪنهن به شخص لاءِ سيڪيورٽيءَ جو مسئلو نه هوندو، گهرو وزارت توها?? کي يقين ڏياري ٿي ته اسان سنڌ هائوس ۾ داخل نه ٿينداسين پر اوهان هڪ حد تائين پوليس رکو، وفاقي وز??ر چيو ت?? آسٽريليا جي ٽيم جي 4 ميچ?? کي لاهور منتقل ڪيو آهي، 3000 هزار پوليس صرف آسٽريليا جي روٽس تي لڳائي وئي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ت?? ايم ڪيو ايم مان پوري اميد آهي هو وز??راعظم سان گڏ بيهندي. پنجاب ۾ 2 پارٽيون پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ (ن) ليگ وٽ عدم اعتماد جا ووٽ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ت?? وز??راعظم عمران خان اسلاموفوبيا خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ت?? پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ اتحادي?? کي چوان ٿو ت?? وز??راعظم سان گڏ اچن، اسلام آباد عمران خان سرخر?? ٿيندو.