اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پا??ٽي ورڪرز م??اق??ت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب م??اق??ت ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، قومي اسيمبلي ميمبر آ??تا?? صديقي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سعيد آفريدي، جمال صديقي، شاهنواز جدون، علي عزيز، شهزاد قريشي، پا??ٽي ميمبرن ڊاڪٽر سيما ضياءَ، عدنان اسماعيل، محسن گهمڻ، ملڪ عارف عدنان، راجيش ڪمار، رميش ڪمار ۽ امين محمد شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ امر بالمعروف ج?? ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيراع??م جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي تڪن ۾ پا??ٽي کي منظم ڪرڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي عوامي فلاحي منصوبن تي اڳڀرائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.