اسلام آباد – 29 211; ??ارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جا ٿورائتا آهيون جن جي ??ازشن جي ڪري نه رڳو پارٽي پر عوام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاءِ مقبوليت ۽ جوش ۽ جذبي جي نئين لهر پيدا ٿي، ملڪ جي ??اريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ پاڪستان تحريڪ انصاف تي عوامي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي عهديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير علي زيدي، فواد چوڌري ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل پڻ شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي سطح ??ي ملڪ جي واحد گراس روٽ ليول جي پارٽي آهي، پئسن سان عوامي ميڙ نه ٿا ڀرجي ??گهجن، جڏهن قوم ملڪ جي ??قدير بدلائڻ جي لاءِ نڪري ٿي ته عوامي ميڙ امر بالمعروف جهڙا هوندا آهن. وزيراعظم چ??و ته توهان سڀني ۾ اهي چهرا نظر اچي رهيا آهن جن پارٽي ۾ ورڪر طور شموليت اختيار ڪئي ۽ اڄ ايوانن ۾ پنهنجي ??ڪن جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، جڏهن حڪمرانن جي نيت صاف هجي ??ه ڀلي ڪيتري ئي وڏي اندروني يا ٻاهرئين سازش هجي ناڪام ٿئي ٿي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??نڌ حقوق مارچ ۽ اسلام آباد ۾ عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ??اريخي ڪاميابي ??ي مبارڪباد ڏني. ان کانسواءِ وزيراعظم جي قيادت ??ي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي حڪومت جي ??رقيا??ي منصوبن، ڪامياب پرڏيهي پاليسي ۽ ناموس رسالت ﷺ ۽ اسلامو فوبيا جي لاءِ وزيراعظم جي ??المي سطح تي ڪوششن ۽ گڏيل قومن ۾ قرا??دا?? جي منظوري تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي عهديدارن کي سنڌ ۾ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ خاص طور تي ضلعي سطح تي پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي.