اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوبلي لائف انشورنس ڪمپني کي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي 12 لک ??وپ??ا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏي??دي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏي??هن اندر اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک ??وپ??ن جي رقم ادا ڪري. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ڪمپني پاليسي جي يونٽ قيمت جي طور تي 12 لک ??وپ??ن جي ادائيگي جي معاملي کي نظرانداز ڪيو آهي، ڪمپني بيواهه کي صرف 45 لک ??وپ??ا واپس ڪيا جيڪي مرحوم مڙس پريميم طور ڪمپني کي ادا ڪيا هئا، صدر اهو فيصلو پاليسي هولڊر جي بيواهه عفت ناهيد جي پاران وفاقي انشورنس محتسب جي حڪم جي خلاف داخل اپيل جي شنوائي ک??نپ??ءِ ڏنو. وفاقي انشورنس محتسب مبينه طور تي گڏيل ٺاهه جي بنياد تي 45 لک جي ادائيگي ک??نپ??ءِ ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر چيو ته انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي رقم ڪاروبار ۾ لڳائڻ ک??نپ??ءِ منافعو ڪمايو، شڪايت ڪندڙ کي منافعي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. جمعي تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شفيق 2016ع ۾ جوبلي لائف انشورنس مان پاليسي حاصل ڪئي ۽ ان مد ۾ ڪمپني کي 45 لک ??وپ??ا ادا ڪيا، پاليسي هولڊر جي لاڏڻي ک??نپ??ءِ ان جي بيواهه دعويٰ داخل ڪئي ته انشورنس ڪمپني کيس پاليسي جي مد ۾ ادا ڪيل صرف 45 لک ??وپ??ا واپس ڪيا آهن، صدر قرار ڏنو ته وفاقي انشورنس محتسب ٺاهه جي آڙ ۾ واپس ڪيل 45 لک رووپين جي رقم جي اصل نوعيت کي نظرانداز ڪيو آهي، بيواهه کي صرف مڙس جي ادا ڪيل رقم واپس ڪرڻ انصا?? جي اصولن جي منافي ۽ ناجائز آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست هر قسم جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي، انشورنس آرڊيننس انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ماڻهن کي ضرورتن ۽ معاشي مجبورين جي ڪري استحصال روڪڻ رياست جي ذميداري آهي، صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏي??دي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏي??هن اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک ??وپ??ن جي رقم ادا ڪئي وڃي.