اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) ايوان صد?? جي جامع مسجد مان معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ”رمضان المبارڪ گذارڻ جو بهترين طريقو“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو ويو. ايوان صد?? جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. خطيب ڊاڪٽر محمد ظهير جمعي جي خطبي ۾ ر??ضان المبارڪ جي برڪت ۽ فضيلت بيان ڪندي چيو ته رمضان جو مهينو انسان جي تربيت جو مهينو آهي، ??وزو انسان جي اندر صبر ۽ تحمل پيدا ڪندو آهي روزي ۾ حلال شين کان به هڪ وقت تائين منع ڪئي وئي آهي، ??لال طريقي سان رزق حاصل ڪرڻ به عبادت آهي، ??طيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي هن مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان توبع ۽ استغفار ڪرڻو آهي، ??مضان جي مهيني ۾ اسان کي خراب صحبت کان بچڻو آهي، هن مبارڪ مهين?? ۾ ??سلمان پنهنجي رب کي به راضي ڪري سگهن ٿا، واضح رهي ته صد?? ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صد?? جي جامع مسجد کان سڌو سنئون خطبو نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جمعي جي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ??رقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.