اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال تي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان معاش?? لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم معاشي ٽيم کي هنگامي بني??دن تي معيشت جي بهتري لاءِ سڌارن جي ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جي بهتري سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ ترجيحي بني??دن تي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ناڻي واري وزارت پاران ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ??ري??ان ڪندڙ معاشي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، ع??ئش?? غوث پاشا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.