گڏيل قومون -20 جون (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انسا??ي حقن جي محافظن ۽ ٻين سوسائٽي جي ميمبرن کي خاموش ڪرايو پيو وڃي. جرمن نشرياتي اداري مطابق گڏيل قومن جي انسا??ي حقن جي لاڳاپيل معاملن جي سربراهه فولڪر ترڪ انسا??ي حقن جي ڪائون??ل جي نئين سيشن جي آغاز تي پنهنجي خطاب ۾ چ??و ته انسا??ي حقن سان واڳيل ادارن ۽ ماڻهن لاءِ مسئلا پيدا ڪندڙن ۾ خود انهن جي آفيس جي مدد ڪندڙ به شامل آهن.هن گڏيل قومن جي سوسائٽي جي ميمبرن خلاف مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ پرتشدد واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چ??و ته خاص طور تي اهي تنظيمون ۽ فرد سخت ڏکيائين ۾ آهن جيڪي گڏيل قومن جي انسا??ي حقن جي ڪائون??ل جي مدد ڪندا آهن. هن چ??و ته 47 رڪني انسا??ي حقن جي ڪائون??ل جا ڪيترائي ميمبر ملڪ به اهڙين سرگرمين ۾ ملوث آهن. گڏيل قومن سان سهڪار ڪندڙ فردن تي حملا سول سوسائٽي تي غير معمولي اثر ڇڏي رهيا آهن. هن ٻڌا??و ته ان حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش طرفان به 13 اهڙيون رپورٽون به جاري ٿي چڪيون آهن جن ۾ 77 ملڪن ۾ 700 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ انسا??ي حقن جي محافظن خلاف ڌمڪين ۽ تشدد بابت ٻڌايو ويو آهي.