اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڌرڻي جا ڪارڪن ميدان ۾ جڏهن ته اڳواڻ بسترن ۾ آهن، اهو کليو تضاد آهي، عالم دين جو ڪم اصلاح هوندو آهي ڪنهن جي ذات تي گند اڇلائڻ ناهي ه??ندو، مو??ان?? فضل الرحمان سياسي ميدان ۾ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪ??ي رهيو آهي، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ه?? چيو ته حڪومت طرفان ڳالهين جا درواز?? کليل آهن، حڪومت معاشي محاذ، آئيني ادارن، عدالتي سڌارن، سياسي سڌارن ۽ معاشي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي.