اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪابينا نواز شريف کي انساني همدردي ۽ قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ تي ٻاهرئين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڌرڻي وارا بند گهٽيءَ ۾ پهچي چڪا آهن، سي پيڪ تحت منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو ويندو، وزيراعظم عم??ان خان صوبن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ تبديلي جاچڻ جي لاءِ ٺوس طريقيڪار تحت هفتيوار بنيادن تي رپورٽ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، معاشي استحڪام کانپوءِ حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، حڪومت مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ بد??ان قابل تجديد توانائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪابينا اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس کانپو??ِ ميڊيا کي بر??فن?? ڏيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته 2018ع جي چونڊن جي شفافيت جي جاچ جي حوالي سان حڪومت جي ڪردار بابت ميڊيا ذريع?? ڪجهه حلقن پا??ان منفي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي.