اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ٻار معاشري جا مستقبل هوندا آهن، معاشري جي مستقبل جي خلاف ڏوهن ۽ خاص ??ور تي معصوم ٻارن جو جنسي استحصال پوري معاشري لاءِ باعث شرم ۽ افسوسناڪ آهي، ٻارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ نه رڳو حڪومت پر معاشري جي هر فرد جي ذميداري آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم انساني حقن واري وزارت کي ٻارن جي خلاف ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ مدد ??ان قومي سطح تي نيشنل ايڪشن پلان کي آئنده ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن ب??بت ڏوهن خاص ??ور تي ٻارن جي جنسي استحصال جي موثر روڪٿام جي حوالي ??ان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.