اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانوني طريقو، بينڪنگ چينل يا پاڪستان پوسٽ جي ذريعي رقم پاڪستان موڪليندڙ پرڏيهي پاڪستانين کي مراعتون ڏينداسين، ميرٽ تي ٻڌل نظام ئي ڪامياب ٿيندو آهي، پي آءِ اي سميت ٻين ادارن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پوسٽ جي ذريعي مٽاسٽا جو ناڻو ??وڪلڻ جي اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.