اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چ??و آهي ته پاڪستان ۽ مراڪش کي گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ، مختلف شعبن ۾مهارتن مان ??ائدو کڻڻ ۽ سماجي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ اضافو ۽ مستقبل ۾ ميڊيا جي شموليت جي حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، موجوده حڪومت جي مشڪل فيصلن سبب پاڪستاني ادارا ۽ معيشت صحيح راهه تي گامزن آهي، پرڏيهي دنيا کي موثر سفارتڪاري ۽ ميڊيا جي ذريعي روشن خيال، اعتدال پسند ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تشخص کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مراڪش جي سفير ايڇ اي ??حمد ڪرمون سان ??لاقات دوران ڪيو.