ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني پا??ستان ۾ وڏو مسئلو رهيو آهي، بااثر ماڻهن، هڪ هٺي گروپ ۽ سياسي مافيائون پا?? کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿيون ۽ مرضي سان قيمتون وڌائي ڇڏين ٿا ۽ غريب جو استحصال ڪن ٿا، پا??ستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جو مقابلو ڪرڻو آهي، مهاتير محمد اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، ملائيشيا جو معاشرو تحمل ۽ برداشت سان مالامال آهي، ڪوالالمپور سربراهه اجلاس جو مقصد سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو گڏيل مقابلو ڪرڻ هو، مسلمان دنيا جي قيادت اولهه کي اسلام جو حقيقي چهرو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي آهي، انتهاپسند پروپئگ??ڊه جي ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ اهم ??طاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پا??ستان بابت قائداعظم محمد علي جناح جو ويزن منهنجو ويزن آهي.