اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس سان اسرندڙ ملڪن جون معيشتون تباهي جو شڪار ٿي ??گه?? ٿيون، ترقي يافته ملڪ پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ جا ڪجهه قرض معاف ڪرڻ تي غور ڪن. آمريڪي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرونا جو مسئلو شدت اختيار ڪري ٿو ته ان سان حڪومت طرفان خراب معيشت کي بهتر بنائڻ جي حڪومتي ڪوششون مت??ثر ٿي??، برآمدات ۾ گهٽتائي، بيروزگاري ۾ اضافي ۽ قرض جو بار وڌڻ ج?? خدشو آهي.