اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تعميراتي شعبي جي لاءِ مراعاتي پئڪيج ۽ صنعت جو درجو ڏيڻ سان ٻين صنعتن کي هٿي ملندي، وزيراعظم جو اهو قدم نئين اميد ۽ ترقي ??و پيغام آهي، مزدور طبقي کان وٺي سيڙپڪار برادري سڀ ان مان ف??ئدو کڻندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ??ڪس?? ٽيڪس جو مطالبو تسليم ڪندي سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعميراتي شعبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو، تعميراتي شعبي جي فعال ٿيڻ سان ٻين صنعتن کي نئين زندگي ملندي جنهن مان هنرمند ۽ غيرهنرمند پورهيت فائدو کڻندا، پئڪيج ملڪ جي تعمير، عوام جي خوش??ال?? ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.