اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي صوبائي چيف سيڪريٽرين سڄي ملڪ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ لاڪ ڊائو?? جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽارگيٽيڊ، سمارٽ لاڪ ڊائو?? جي صورتحال، اين سي او سي ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد، آڪسيجن ۽ سيلنڊر جي درآمدم، وبا جي ڏس ۾ اهم طبي اوزار?? جي ضروري ڪاٿي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته صوبائي حڪومتون پرائيويٽ ڪارپوريشنز ۽ آفيس?? جي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪن ته سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ رهندڙ ملازمن کي آفيسن مان غيرحاضري تي ڪا سزا نه ڏني ??يندي.