اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن صدرن ۽ وزيراعظمن تي ٿيل خرچن ۽ مراعاتن جو جائزو وٺڻ جي هد??يت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي نتيجي ۾ صدر ۽ وزيراعظم کي رڳو هڪ ڪئمپ آفيس رکڻ جي اجازت هوندي، وفاقي ڪابينا نوان گيس ٽرمينلز قائم ڪرڻ ۽ گئس جي پهچ جي لاءِ نئين پائيپ لائين وڇائڻ جي لاءِ رائٽ آف وي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏن??، ڪابينا اين آءِ ٽي بي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هد??يت ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا موٽروي سانحي جي مرڪزي جوابدار جي گرفتاري تي پنجاب حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.