اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وف??قي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قرارداد پ??ڪستان ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿي آهي، اڄ ا??ان کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، ا??ان انهن حالتن ۾ به قانون جي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ پوري عزم ??ان ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جڏ??ن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن وچن ڪيو ته غلامي جون زنجيرون ٽوڙي اڇلائينداسين، ا??ان جي بزرگن ان ڏينهن قائداعظم جي قيادت ۾ اهو فيصلو ڪيو ته انهن کي ڌار ملڪ جي ضرورت آهي، هڪ اهڙو ملڪ جتي الله جي حاڪميت ۽ حضرت محمد ﷺ جي ٻڌايل اصولن موجب هلي سگهجي.