اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ون?? وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ون?? وائرس سبب 72 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون هيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 270 ماڻهن جا ڪو??ون?? ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ ??ان ملتان ۾ 52 سيڪڙو، لاهور ۾ 52 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪو??ون?? جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ ??ان پشاور ۾ 62 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو، گجرات ۾ 86 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 42 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 622، پنجاب ۾ 20 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 278، اسلام آباد ۾ 5 هزار 384، بلوچستان ۾ 249، گلگت بلتستان ۾ 246، آزاد ڪشمير ۾ 684 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 85 هزار 271 ٿي چڪو آهي.