اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کي عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪرڻ ۽ معاشي استحڪام ۽ پيداوار گروٿ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. وز??را??ظم وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڀني ميمبرن کي اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ آجيان ڪندي ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ملڪي مع??شت جي حوالي سان اهم معاملن تي تجويزون پيش ڪندڙ ان ڪائونسل کي مڪمل طور تي فعال هجڻ کي يقيني بڻايو وڃي، وز??را??ظم چيو ته اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي قيام جو مقصد ملڪي مع??شت کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪر?? جي حوالي سان ناليوارن معاشي ماهرن جي تجويزن مان فائدو وٺڻو آهي. وز??را??ظم معاشي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته مشڪل معاشي حالتن جي پيش نظر عوام تي ٽيڪسن جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران آڊٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن ان سان جتي عوام کي رليف ميسر اچي اتي مع??شت جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. وز??را??ظم چيو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري ڪاروباري فضا بهتر ٿي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، هن چيو ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش رهي آهي ته بزنس ڪميونٽ?? جي مشاورت سان نه رڳو پاليسيون جوڙيون وڃن پر انهن پاليسين جو تسلسل يقيني بڻايو وڃي.