اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) تاجڪستان جو صدر امام علي رحمانوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس اچڻ تي ??ندس آجيان ڪئي. تاجڪستان جي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، جنهن ??انپوءِ تاجڪستان جي صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، تاجڪ صدر وزيراعظم عمران خان سان پنهنجي وفد جو تعارف ڪرايو. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان به کيس ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو.