اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو آهي ت?? پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ت?? يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت پنهنجي حڪومتي دور ۾ ميڊيا تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لاڳو ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ سڀني کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت اسٽيڪ هولڊرز س??ن خيالن جي ڏي وٺ جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ گڊ گورننس ک?? يقيني بڻائي رهي آهي