اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جرمني سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل جمهوري قدرن ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان خطي جي انهن ملڪن ?? شامل آهي جتي ميڊيا کي آزادي حاصل آهي، جرمني جي فلم ساز ۽ ڊرامه پروڊيوسر?? پاڪستان اچن ۽ ڪئميرا جي اک سان هماليه سلسلي جي خوبصورتي دريافت ڪن. اها ڳالهه هن جرمني جي سفير برن هارڊ اسٽيفن شليگ هيڪ سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن فلم ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جرمني جي فلم ۽ ڊرامه پروڊيوسرسز ايسوسيئيشنز سان زوم ميٽنگ جي انعقاد جي تجويز ڏني، هن چيو ته پاڪستان ان پهرين ايشيائي ملڪن ?? شامل آهي جنهن جرمني سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، هن چيو ته علامه اقبال جا جرمني سان لاڳاپا ۽ هيڊلبرگ جي باري ۾ سندس شاعري کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو فلم جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي تجويز جوائنٽ پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه بخشيندي.