اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته شاگ??دن کي سستي ۽ آسان تعليم جي فراهمي جي لاءِ هائبر?? تعليم جي حصي ۾ اضافو ڪن، سائبر وار فيئر سان پيدا ٿ??ند?? مستقبل جي سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگ??دن کي جديد آءِ ٽي ص??اح??تن سان ليس ڪيو وڃي. هو ايوان صدر ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري ر??يو هو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين محمد نعيم، ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا، ڊينز ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا ملڪ ۾ پيشيوراڻ?? تعليم جي فروغ ۾ اداري جي ڪردار ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته انسٽيٽيوٽ مختلف شعبن ۾ تعليمي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪري ر??يو آهي، فزڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جهڙن شعبن ۾ 5000 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. صدر انسٽيٽيوٽ جي ڪاميابين خاص طور تي ملڪ جي سائنسي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته يونيورسٽيون تحقيق جو ميدان وسيع ڪرڻ ۽ جديد دور جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ شاگ??دن جي فڪري ترقي تي ڌيان ڏين. صدر يونيورسٽي انتظاميه تي زور ڏنو ته هو شاگ??دن جو تعداد وڌائي ته جئين هو ملڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، هن چيو ته سٺي شهرت جي عالمي يونيورسٽين جي مهارت، تحقيق مان فائدو کڻڻ لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.