اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) ناڻي ??اري وفاقي وزير شوڪت ترين واضح اعلان ڪيو آهي ته جيڪو امير ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندو اهو جيل ويندو، 2023ع تائين اوڳاڙيون 7000 ارب رپين تائين کڻي ??ينداسين، وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف آڏو ڄمي ويو آهي، هو غريبن تي بار نه وجهندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪندو جڏهن ته قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي ناڻي ??اري وزارت تي ڪٽوتي جون رٿون رد ڪندي 15 ناڻي جي مطالبن جي منظلري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي ??اري وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي ناڻي ??اري وزير شوڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ بجيٽ سازي جو جيڪو سسٽم هلي رهيو آهي اهو ٽي سال پراڻو نه آهي پر 74 سالن کان اهو ئي نظام آهي، مخالف ڌر پنهنجي 30 سالن ۾ ان نظام ??ي به ڏسي وٺي، اها ٽيڪسيشن جو نظام به ڏسي وٺي، اسان به ان نظام بابت چئون ٿا ته اهو ٺيڪ نه آهي جڏهن ته اسان ان کي ٺيڪ ڪري رهيا ??هي??ن. اسان سڌارن جي ڳالهه ڪئي، عوام ??ي ڇت ڏيڻ، شهري علائقن جي رهواسين کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ ۽ آبادگارن جي لاءِ زرعي قرضن تي ڪم ڪري رهيا ??هي??ن. هن چيو ته هتي چيو ويو ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، ڇا انهن جي دور ۾ اهي ماڻهو آءِ ايم ايف وٽ نه ويا. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت 156 ارب ڊالر جو واپاري خسارو هو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام جي ڪري اڳوڻي ??اڻي ??اري وزير مفتاح اسماعيل 60 ارب ڊالر جو ٽيڪو هنيو. پيپلزپارٽي جي دور ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 25 ارب ڊالر هو جيڪو 17 – 2016ع ۾ واپس 21 ارب ڊالر تي اچي ويو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر رهيو ان جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. هن چيو ته ملڪ کي اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وٺي وئي. واڌويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري ٽيڪسيشن وڌائڻ آسان ناهي هوندو، سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ڪري واڌويجهه جي شرح هيٺ ٿي، ڀارت سوا 11 سيڪڙو منفي تي ويو جڏهن ته مشڪلاتن جي باوجود هن ڀيري پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 4 سيڪڙو رهي جيڪا ايندڙ سال 5 سيڪڙو تائين کڻي ??ينداسين. ٽيڪسيشن 4700 ارب رپين جو هدف هن سال پورو ڪنداسين ۽ ايندڙ سال 58 سئو ارب رپين تي کڻي ??ينداسين.