اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر م??ات??و گواسڪاواڪي پاران ??يليفون ڪئي وئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان ??وجب ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڪابل ايئرپورٽ تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڦاٿل اهلڪارن کي ڪڍڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ڳالهه ٻ??لهه ۾ پاڪستان ۾ ڪووڊ – 19 جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪورونا ويڪسين جي خريداري ۾ مدد تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.