اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو (اڄ) سومر ڏينهن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. 6 سيپٽمبر قوم جي حيثيت سان اس??ن جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي علامت آهي، ان ڏينهن دشمن جي عددي برتري جي گهمنڊ ۾ ناپاڪ ۽ ڪڌا ارادا ناڪام ٿيا، ان ڏينهن اس??ن گڏجي پاڪستان جو دفاع ڪيو، هي هڪ اهڙو ڏينهن آهي جيڪو اس??ن جي شهيدن ۽ غازين کي ??راج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي بهادري ۽ عظيم قربانين کان متاثر ٿيڻ جو ڏينهن آهي. 1965ع جي مقابلي ۾ پاڪستان اڄ مضبوط روايتي ۽ غيرروايتي طاقت سان گڏ وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ ملڪ بڻجي اڀريو آهي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي عوام هٿياربند فوج سان گڏ هڪ نقطي تي آهي جيڪا پنهنجي ثابت قدمي، بي لوث عقيدت ۽ حب الوطني جي جذبي جي ڪري آزمايل آهي، شهيدن ۽ غازين کي ??راج تحسين پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته نيڪ اعمال ۽ بهادري جا نوان باب لکي ??نهن جي شاندار ميراث کي ??رقرار رکيو وڃي جڏهن ته عوام ۽ هٿياربند فوج هڪ نئين جذبي سان گڏجي پاڪستان کي وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي. پاڪستان معيشت، دفاع ۽ عوام جي ڀلائي جي لحاظ کان هڪ مضبوط ملڪ بڻجي. 6 سيپٽمبر اس??ن جي قومي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، هي اهو ڏينهن هو جڏهن پوري قوم هڪ جارحيت پسند جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اٿي بيٺي جيڪو افرادي قوت ۽ هٿيارن ۾ برتري رکندڙ هو، 6 سيپٽمبر جي جذبي کي ??ن جي روح موجب زندهه ۽ مضبوط بڻائڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اس??ن پنهنجون توانايون پاڪستان کي ??مورن ٻاهرئين ۽ اندروني خطرن جي خلاف مضبوط بڻائڻ جي لاءِ لڳايون. اس??ن جي ابن ڏ??ڏن جي تصور موجب هڪ ترقي پسند اسلامي فلاحي رياست جي اس??ن جي حقيقي سڃاڻپ کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لاءِ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي ۽ انهي جذبي سان عزم ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن اس??ن جي سلامتي کي ??رپيش خطرن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ ۾ مدد ملي. هن وقت پاڪستان ماضي جي مقابلي ۾ دنيا جي لاءِ وڌيڪ اهم آهي، پاڪستان پنهنجي ساک امن جي حصيدار طور تي ٺاهي آهي. دنيا جي تڪرارن جي حل لاءِ پاڪستان جون قربانيون تمام گهڻيون آهن، پاڪستان خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ مخلصاڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ دنيا انهن ڪوششن کي ??سليم ڪري رهي آهي. پاڪستان پنهنجو پاڻ کي ??مورن روايتي ۽ غيرروايتي چئلينجن جي لاءِ تيار ڪيو آهي، انهن سڀني جي باوجود اس??ن تڪرارن جي پرامن حل کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن ڏينهن اس??ن کي مادن وطن جي حيثيت سان پاڪستان سان محبت ۽ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر امن سان محبت ڪرڻ جي نعرن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.