اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چي?? آهي ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ??ي ڪري ا??غا??ستان جي تعمير جي ضرورت آهي، سمورين ذميوار ملڪن کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي، ان موقعي جو فائدو حاصل ڪري هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي وڃي جنهن ۾ مستحڪم ۽ پرامن ا??غا??ستان خطي جي حقيقي گنجائش کي ڪتب آڻن ۾ اسان جو مددگار ثابت ٿئي. ا??غا??ستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ لاءِ دنيا کي ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. خليج ٽائيم ۾ شايع ٿيل پنهنجي مضمون ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين مصائب کان پوءِ ا??غا??ستان هڪ تاريخي ٻواٽي تي بيٺل آهي جتي يا ته هو آخرڪار تڪرار ۽ عدم استحڪام جي سلسلي مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو يا وري رياست ناڪامي طرف وڃي سگهي ٿو جنهن سان ا??غا?? عوام لاءِ وڌيڪ ناقابل برداشت مسئلا پيدا ٿيندا ۽ خطو متاثر ٿيندو. هن چيو ته ا??غا??ستان جي صورتحال کان پاڪستان کي پڻ وڏو جاني مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو پر ان باوجود اسان ثابت قدم رهياسين. پرڏيهي وزير چيو ته ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان اسان ان سان لاتعلق نه رهي سگهياسين. پرڏيهي وزير چيو ته اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد پاڪستان ا??غا??ستان ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانو کليل رکيو جڏهن ته اسان جي قومي اڏام پي آءِ اي سفارتي مشنز، بين الاقوامي تنظيمن، آءِ اين جي اوز ۽ ميڊيا اهلڪارن جي نيڪالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ا??غا??ستان جي بحران ۾ شدت يا ان جي تسلسل ۾ پاڪستان جو ڪو به ڪردار نه رهيو. جيتوڻيڪ اسان هميشه جنگ کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هميشه اسپائلرز تي زور ڏيندو رهيو ته هو ا??غا??ستان ۾ استحڪام جي عمل کي روڪڻ کان پاسو ڪن. ا??غا??ستان بري طرح مجروح آهي، جنهن کي سرد مهري نه بلڪه مرهم ??ي ضرورت آهي. سائبر پليٽ فارمز جو غلط استعمال ۽ عوام وچ ۾ تقسيم پيدا ڪرڻ لاءِ بي بنياد الزامن کي هوا ڏئي دنيا کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته بين الاقوامي برادري معاشي ۽ انساني تباهي کان بچڻ ۾ ا??غا??ستان جي مدد ڪري، ماضي جي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي نه ورجايو وڃي جن ا??غا?? معاشري ۾ ڏڦيڙ کي وڌيڪ گهرو ڪيو ۽ فوجي ڪارروائي، بدانتظامي، بدعنواني ۽ مغربي ٽيڪس جي رقم ضايع ڪرڻ سبب صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ڪيو. هن چيو ته ا??غا??ستان ج?? نئين نظم و نسق جي حوالي سان اسان اهو چئون ٿا ته حقيقي مفاهمت کي هٿي ڏني وڃي ۽ اهڙو حڪمراني وارو رستو اختيار ڪيو وڃي جنهن کي ڪنهن نسل يا صنف پنهنجي لاءِ خطرو محسوس نه ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان نه صرف امن جي عمل لاءِ سهولتڪاري ڪئي بلڪه ا??غا??ستان جي باري ۾ علائقائي نقطه نظر جوڙڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهي?? آهي. اسان ا??غا??ستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مغربي ملڪن سان گڏوگڏ ا??غا??ستان جي سمورين ڌرين سان رابطو ڪي?? آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بين الاقوامي طاقتن کي زور ڀري?? آهي ته هو بين الا??غا?? مفاهمت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ حقيقي ڪوششن تي توجهه ڏين ۽ ا??غا?? عوام ڏهاڪن جي تڪرار کان تنگ اچي چڪ?? آهي. هن صورتحال سبب ا??غا??ستان کان پوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثرٿيندڙ ملڪ آهي، اسان هڪ پرامن 7 خوشحال خطو چاهيون ٿا جيڪو بين الاقوامي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيئي. ان سان اسان جو باهمي رابطي جي ايجنڊا جي حاصلات لاءِ پڻ مدد ملندي، جيڪو علائقائي اقتصادي انضمام جو سبب بڻجندو. هن چيو ته ا??غا??ستان جي فياضانه مدد سان معاشي ۽ پناه گيرن جي بحران کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. ان مرحلي تي مالياتي نقصان عام ا??غا??ين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو. اسان کي ان جو ڳلو دٻائڻ بدران ان ڏانهن مدد جو هٿ وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اچو ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ??ي ڪري ا??غا??ستان جي درد ۽ تڪليف کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. پاڪستان سمورن ذميوار ملڪن تي زور ڀري ٿو ته هو ماضي جي غلطين مان سبق سکن ۽ انهن کي ورجائڻ جي اجازت نه ڏين. اچو اسان ان موقعي مان فائدو حاصل ڪندي هڪ نئين دور جي شروعات ڪيون، جتي هڪ مستحڪم ۽ پرامن ا??غا??ستان خطي جي حقيقي استعداد کي ڪتب آڻڻ ۾ اسان جو معاون ثابت ٿئي.