اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻن دورن ۾ ڪرپشن کي قانوني طريقي سان تحفظ فراهم ڪيو ويو، جڏهن لاهور – اسلام آباد موٽروي جو معاهدو ٿي رهيو هو، عين ان وقت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا پئي ويا، ملڪ ۾ اڄ مهانگائي ۽ ڪمزور معيشت جو بنيادي سبب ڪرپشن آهي، (ن) ليگ رستن جي ??عمير لاءِ هڪ هزار ڪروڙ جا مهانگا معاهدا ڪيا، وزيراعظم عمران خان سدائين چوندو رهيو آهي ته اسان کي مافيا آڏو آهي، هي اها مافيا آهي جنهن جي ??لاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويڙهه آهي، عمران خان رستن جي ??لاف نه آهي، ڪرپشن جي ??لاف آهي، (ن) ليگ رستن جي نالي تي تمام وڏي ڪرپشن ڪئي، 1947ع کان 2008ع تائين پاڪستان جو قرض 6 ٽريلين هو جنهن کي آصف زرداري ۽ نواز شريف 2008ع کان 2018ع تائين 27 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو، جڏهن اسان قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض وٺون ٿا ته ان سان ملڪ جي ??ودمختياري متاثر ٿئي ٿي، اڳوڻي دور ۾ پاڪستان سان ت??ام وڏو ظلم ڪيو ويو، پاڪستان جي ??وام جو رت نچوڙيو ويو، اڄ جيڪي ماڻهو واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن انهن جي ڪري ئي پاڪستان جي ??وام کي مشڪلاتون درپيش آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 4 ڊسمبر 2002ع تي ڊان اخبار ۾ هڪ خبر شايع ٿي جنهن ۾ چيو ويو ته اسلام آباد موٽروي جي لاڳت 60 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي. هن چيو ته موٽروي جي ڪل آمدني 45 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ت?? 60 ارب ڊالر جي ??ها موٽروي ٺهي. هن چيو ته عمران خان رستن جي ??لاف نه آهي، هو ڪرپشن جي ??لاف آهي جيڪا رستن جي نالي تي ڪئي و??ي ٿي. هن چيو ته (ن) ليگ رستن جي نالي تي تمام وڏي ڪرپشن ڪئي، جڏهن لاهور – اسلام آباد موٽروي جو معاهدو ٿي رهيو هو، عين ان وقت لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا پئي ويا. هن چيو ته بدقسمتي سان ڦرلٽ جي ??ريعي حاصل ڪيل پئسو ملڪ ۾ به نه لڳايو، اهو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موٽروي تي ڊائيو ڪمپني کي رڳو 2 ارب ڊالر اسان وياج جي مد ۾ ادا ڪيا. هن چيو ته موٽروي ضرور ٺهڻ گهرجي، رستن کانسواءِ ترقي جو تصور ئي نه آهي پر (ن) ليگ پنهنجي ??ور ۾ رستن جي ??ڙ ۾ ڪرپشن جو ڪاروبار شروع ڪيو جنهن جي ڪري ملڪي معيشت ڪمزور ٿي. هن چيو ته جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ڪابينا جا ميمبر گڏجي ڪرپشن ڪندا ته پوءِ قومون تباهه ٿينديون آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته 1947ع کان 2008ع تائين 65 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 ٽريلين هو، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف 2008ع کان 2018ع تائين ان قرض کي 27 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو، اسان ٽن سالن دوران 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو. هن چيو ته اسان جڏهن به اڳوڻن دورن جا بجلي، رستن يا ترقي جا منصوبا ڏسون ٿا ته ڪرپشن جو هڪ پهاڙ سامهون اچي ٿو، شريف فيملي ۽ زرداري فيملي پاڪستان مان ڦريل دولت ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪئي، شهباز شريف تي 25 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي، اها رقم شهباز شريف جي ملازمن جي ??ڪائونٽس مان انهن کي منتقل ڪئي وئي، هي اهي ڪيس آهن جن ۾ ڦريل رقم جي ??سان کي خبر آهي، ان کانسواءِ ڦريل رقم جي ??سان وٽ معلومات نه آهي. هن چيو ته جڏهن اسان قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض وٺون ٿا ته ان سان ملڪ جي ??ودمختياري متاثر ٿئي ٿي، اڳوڻي دور ۾ پاڪستان سان ت??ام وڏو ظلم ڪيو ويو، پاڪستان جي ??وام جو رت نچوڙيو ويو. (ن) ليگ رستن جي ??عمير لاءِ هڪ هزار ڪروڙ جا مهانگا معاهدا ڪيا، اها ئي اها مافيا آهي جنهن جي ??لاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويڙهه آهي، اڄ پيٽرول، ڀاڄيون، داليون مهانگيون ٿيڻ جو سبب اها ئي ڪرپشن آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته (ن) ليگ قانوني طريقي سان ڪرپشن کي تحفظ ڏنو، انهن 1990ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن موٽروي جو معاهدو ڪيو ته انهي وقت هنڊي ذريعي ايون فيلڊ اپارتمينٽس خريد ڪرڻ جي لاءِ رقم ٻاهرئين ملڪ موڪلي وئي، اسان ان ڪيس کي ٻيهر کولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته جنهن ملڪ جي مجموعي بجيٽ جو سڀ کان وڏو خرچ قرضن جي واپسي هجي ??ه ان ملڪ ۾ مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ تيل درآمد ٿئي ٿو، ان جون قيمتون عالمي مارڪيٽ سان واڳيل هونديون آهن، جيڪڏهن قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته ملڪ جي ??ندر قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان ت?? سبسڊي ڏيڻي پوي ٿي پر جيڪڏهن ملڪ تي قرضن جو بار هجي ??ه سبسڊي ڏيڻ ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ ڳوڙها ڳارين ٿا ته ڦرجي وياسين مري وياسين، انهن جي ڪري ئي اڄ مهانگائي آهي، واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙ انهن ماڻهن جي ڪري پاڪستان ۾ اڄ عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي.