اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ڪينيا جي هم منصب ريچل اومامو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. انگيج آفريقا پاليسي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آه??، هن چيو ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي واپاري دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آه??، پرڏيهي وزير آڪٽوبر مهيني لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي ڪينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد پيش ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو ته ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ معاشي بحران تي گهري ڳڻتي آه??، جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال وڌيڪ ??راب ٿي ت?? افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته عالمي برادري افغانين کي انساني ۽ معاشي مدد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پرڏييه وزير ڪينين هم منصب کي نيزوبي ۾ موجود، سع??دي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين جي فوري مدد جي درخواست ڪئي، ڪينين پرڏيهي وزير ريچل اومامو نيروبي ۾ سع??دي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين کي جلد سع??دي عرب موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.