اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ خوشحالي ايندي ۽ ان سان دنيا جي لاءِ ڪاروباري موقعن جو رستو کلندو جنهن سان وچ ايشيائي رياستن سان رابطو قائم ٿي سگهندو. گڏيل عرب اماراتن جي ??ي دوري جي موقعي تي خليج ٽائمز کي انٽرويو ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ تباهي جو مطلب پاڪستان تي وڌيڪ پناهگيرن جو بار پوندو، پاڪستان پاڙيسري ملڪ ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي پر خواهش آهي ته ملڪ ۾ سمورين لاڳاپيل سياسي ڌرين جي نمائندگي ڪندڙ هڪ ٺوس حڪومت ٺهي وڃي. صدر افغانستان ۾ حڪومت جي ??بديلي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي ??اثر کي ??د ڪندي چيو ته اسان رڳو انساني بنيادن تي طالبان جي مدد ڪري رهيا آهيون ڇو ته افغانستان جي ??وام پابندين ۽ فنڊز جي ??ندش جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي. ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، آمريڪا افغانستان سان جلدي ۾ انخلا ڪيو ۽ اهو ته افعانستان جي مسئلي جو ڪو فوجي ??ل نه آهي. صدر چيو ته اسان سدائين آمريڪا کي جنگ کان بچڻ جي لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بهتر حل طور تي ڳالهين جي ??مايت ڪئي. هن ا??ا ڳالهه زور ڏئي چئي ته جيڪڏهن آمريڪي ۽ نيٽو فوج 23 کرب ڊالر خرچ ڪرڻ جي ??اوجود افغانستان ۾ استحڪام نه آڻي سگهيا ته پوءِ پاڪستان جي لاءِ اهو ڪرڻ ڪيئن ممڪن هوندو. ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ افغان عوام کي ان کي هڪ خيرسگالي جو معاملو سمجهڻ گهرجي. افغانستان جي ??ازي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اسان ا??غانستان مان سفارتڪارن ۽ ٻين ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ پڻ تمام فعال ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو ۽ دنيا اسان جي ??نهن ڪوششن کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ نه آهي جنهن کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻو پئجي ??هيو آهي، مهانگائي ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ جنسن ۽ تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن پر ان جي ??اوجود حڪومت سپلائي چين مڪينزم ۽ بهتر نظم ۽ ضبط ذريعي خوراڪ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. صدر هڪ سوال جي ??واب ۾ چيو ته پاڪستان صحيح رستي تي آهي ۽ ان جو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معيشت جي ??حالي جهڙن سنگين چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ وقت سر ۽ صحيح قدم کنيا ۽ وبا جي ??اوجود گذريل مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار جي واڌويجهه جي ??رح چار سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي. ??اڪ??ر عارف علوي دبئي ايڪسپو کي هڪ شاندار ايونٽ قرار ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ هڪ چئلينجنگ ماحول جي ??اوجود هڪ ڪامياب شو جي ميزباني ڪرڻ جو سڄو ڪريڊٽ بصيرت رکندڙ قيادت ڏانهن وڃي ٿو، ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏيل عرب امارات پر پوري خطي جي لاءِ هڪ اهم ايونٽ آهي جنهن خطي ۽ ان کان ٻاهر جي ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪيو، ايڪسپو ۾ اسان وٽ هڪ تمام خوبصورت پويلين آهي، هر هڪ کي ايڪسپو ۾ وڃي ان جو دورو ڪرڻ گهرجي ??يڪو هڪ پرامن ملڪ جي ??ور تي پاڪستان جي مثبت ساک پيش ڪري ٿو. صدر ??اڪ??ر عارف علوي ائٽمي سائنسدان ??اڪ??ر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو جيڪو آچر ڏينهن اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. صدر چيو ته ??اڪ??ر عبدالقدير خان ائٽمي طاقت ٺاهڻ ۾ پاڪستاني قوم جي مدد ڪئي ۽ هڪ شڪرگذار قوم سندس خدمتن کي ڪڏهن به نه وساريندي.