اسلام آباد – 04 جنوري (اي ??ي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته حڪومت قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي، مراعت يافته طبقي ۽ عام شهري تي قانون هڪجهڙو لاڳو ٿيڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار ه?? انصاف لائرز فورم جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ پاڪستان تحريڪ ان??اف جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل عامر محم??د ڪياني کانسواءِ آءِ ايل ايف جو چيئرمين سينيٽر علي ظفر، نويد سهيل ملڪ، فياض احمد مهر، قيصر عباس شاهه، عمير نيازي، انيس هاشمي ۽ نيها وسيم شامل هئا. ملاقات ۾ ان??اف لائرز فورم بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.