اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري واري حق لا??ِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي، عالمي برادري خاص طور تي گڏ??ل قومن کي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي جنگي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته قبضي هيٺ ڪشمير ۾ گڏ??ل قومن جي نگراني ۾ راءِ شماري جو گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو واعدو اڃان پورو ناهي ٿيو ڇو ته هندو توا مودي حڪومت نڪ جي پڪائي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، انساني همدردي جي قانونن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي ڪنويشنز جي خلاف ورزي ??ري رهي آهي ۽ غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت ۽ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ??ري جنگي ڏوهن جي مرتڪب ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ، خاص طور تي گڏ??ل قومن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪشميري ڀارتي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ کي رد ۽ مزاحمت جاري رکي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد لا??ِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي.