بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون قابل تحسين آهي، سي پيڪ سا?? ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. وزيراعظ?? چين جي دوري دوران چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جي چ??ئر??ين هي لي پنگ سان ورچوئل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين جي سياسي مشاورتي ڪائونسل جو وائيس چ??ئر??ين به موجود هو. ملاقات ۾ سي پيڪ جي جاري منصوبن ۽ مستقبل جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا جڏهن ته هي لي پنگ سان گڏ وائيس چ??ئر??ين ننگ جيزي ۽ تانگ ڊينگ جي، اين ڊي آر سي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل تزويراتي حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود ٻنهي ملڪن جي تعاون جي ڪري سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري رهيو. وزيراعظ?? چيو ته چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون واکاڻ جوڳو آهي. سي پيڪ، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) منصوبي جو هڪ اهم جز آهي، سي پيڪ سا?? ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، وزيراعظ?? چيو ته سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيڻ جي منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. سي پيڪ منصوبن ملڪ جي پائيدار معاشي ترقي جو ٺوس بنياد رک??و آهي ۽ انهن منصوبن پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظ?? چيو ته سي پيڪ بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن جي اسٽريٽجڪ اهميت ٻنهي ملڪن لاءِ آهي ۽ ان سا?? ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدا حاصل ٿيندا. وزيراعظ?? چيو ته ٻئي ڌريون گوادر کي خطي جو معاشي مرڪز بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رک??دي??ن، ايم ايل ون ۽ ٻين اهم توانائي منصوبن کي ترجيح بنيادن جي طور تي ورتو ويندو، ان موقعي تي چين جي قومي ۽ سڌارا ڪميشن جي چ??ئر??ين هي لي پنگ چيو ته چين سي پيڪ منصوبن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي تيز رفتار اڳڀرائي جي لاءِ پرعزم آهي، گذريل 7 سالن ۾ چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ به مجموعي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ جا خواهشمند آهن، هن چيو ته اين ڊي آر سي ۽ سمورن لاڳاپيل چيني ادارا سي پيڪ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چيني، سرڪاري ۽ نجي ادارن جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رک??دا. ان سلسلي ۾ ٻنهي پاسن ۾ نوان گرين، ڊجيٽل، صحت، واپار ۽ صنعتي راهدارين جو فيصلو ڪيو هو جنهن سان انهن شعبن ۾ شعباجاتي تعاون ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جو ٿورو ادا ڪندي اين ڊي آر سي جي چ??ئر??ين صنعت، زرعي جديديت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد جي لاءِ چين جي رضامندي جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران بنهي ڌرين سيڙپڪاري بورڊ ۽ اين ڊي آر سي جي وچ ۾ صنعتي تعاون جي فريم ورڪ جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي جيڪا چين جي صنعتي ڌرين کي سي پيڪ، خصوصي اقتصادي زونز ۾ منتقل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي ايندي، ٻنهي ڌرين گوادر تي 16 هين جوانٽ ورڪنگ گروپ اجلاس جي منٽس تي صحيحون ڪي??ن، پاڪستان پاران منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ چين پاران اين ڊي آر سي جي وائيس چ??ئر??ين ننگ جينزي صحيحون ڪيون.