اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان اسلامي اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم سعو??ي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پ??ئيدار ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم خاص طور تي مشڪل وقت ۾ پ??ڪستان جي ڀرپور حمايت تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان کي ڏني ويندڙ تازي مالي امداد تي پڻ سعودي قي??دت جا ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي خلاف حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪن??ي وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. وڏي انگ ۾ پ??ڪستانين جي ميزباني تي سعودي قي??دت جا ٿورا مڃين??ي وزيراعظم عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽاسٽا جي معاهدي جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته ان فريم ورڪ جي ذريعي سعودي عرب ۾ پ??ڪستاني قيدين جي هڪ وڏي انگ کي پاڪستان واپس موڪليو ويندو. شهزاده عبدالعزيز وزيراعظم کي سعو??ي ولي عهد پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن سعودي عرب جي ترقي ۾ پ??ڪستانين جي مثبت ڪردار جو پڻ اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۾ پ??ڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻن رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد، هم آهنگي، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي مستقل حمايت تي ٻڌل آهن.