اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي بدانتظامي ۽ نااهلي جي ??ري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، بجلي جي صلاحيت اسان جي ضرورت کان وڌيڪ آهي، وقت تي ??ئس ۽ ٻارڻ جي خريداري نه ٿيڻ جي ??ري مسئلا سامهون آيا. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي. گذريل ٽن ڏينهن ۾ مون پنهنجي ساٿين سان پيٽروليم واري وزارت ۽ پاور واري وزارت جي اهلڪارن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ معلوم ٿيو ته ملڪ ۾ 35 هزار ميگاواٽ بجلي جي صلاحيت موجود آهي جنهن ۾ 6 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي صلاحيت آهي. پن بجلي کان هٽي ??ري به اسان جي صلاحيت اي??ري آهي جو پوري ملڪ جي ضرورت پوري ??ري سگهجي ٿي. بدقسمتي سان جيڪي پلانٽ سي پيڪ جي نتيجي ۾ لڳا اهي اڪثر ڪوئلي، سولر ۽ ونڊ ت?? ٻڌل هئا جڏهن ته 5 هزار ميگاواٽ ايل اين جي جي بنياد تي لڳايا ويا. انهن مان هڪ پلانٽ 2019ع ۾ هلڻو هو جنهن جي صلاحيت 1250 ميگاواٽ هئي، اهو منصوبو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو ڇو ته ان جو فنانشل ڪلوزر ناهي ٿيو. اهو 10 ارب کان وڌيڪ جو منصوبو هو، اڳوڻي حڪومت ان تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان جي حوارين ان تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته جيڪي نوان پلانٽ لڳا آهن اهي ??ئس ۽ تيل نه هجڻ سبب بند پيل آهن جنهن جي ??ري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ آهي. وزيراعظم چيو ته بدانتظامي ۽ نااهلي جي ??ري اهي مسئلا پيدا ٿيا آهن. اهڙي نااه?? ۽ ??رپٽ حڪومت ڪڏهن به ناهي آئي، ملڪ ۾ ??ئس نه آهي، اسان تيل جا معاملا به ڏسي رهيا آهيون، لاڳاپيل وزارتن سان اجلاس ۾، مون انهن کان پڇيو ته جڏهن ??ئس ٽي ڊالر في يونٽ تي هئي ته توهان ڇو خريد نه ڪئي. اڄ اها قيمت 30 کان 35 ڊالر في يونٽ تي آهي. اهي قطر کان ??ئس جي معاملي تي ڪيڙا ڪڍندا رهيا. اهو معاهدو نه ٿئي ها ته خبر نه آهي اسان جي حالت ڪهڙي هجي ها. مون کي خبر آهي ته قطر جي امير ذاتي مداخلت سان ڊسڪائونٽ تي ??ئس ڏني هئي. هن چيو ته هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ ??ئس جي کوٽ آهي ڇو ته اسپاٽ تي اڪثر يورپ خريد ??ري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ صبح هن راول چوڪ ۾ منصوبي جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو، اهو منصوبو 24 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. اسان 72، 72 ڏينهن ۾ اهڙا منصوبا ٺاهي عوام جي حوالي ڪيا آهن. ان جو ٺيڪيدار بليڪ لسٽ آهي جنهن کي اورنج لائين ۾ ٺيڪو ڏنو ويو هو ان کي 90 ڪروڙ ڏنڊ ڪيو ويو. انهي بليڪ لسٽ ٺيڪيدار کي هي ٺيڪو ڏنو ويو آهي. اهو منصوبو مڪمل نه ٿيڻ جي ??ري ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته لوڊشيدنگ جو صلاحيت سان تعلق نه آهي، اها نااهلي آهي. اڳوڻي حڪومت ملڪ جو ٻيڙو غرق ??ري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته هينئر خبر آئي آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر تي حملو ٿيو آهي، اها شيطانيت آهي ۽ اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا.