اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي، مشڪل حالتن ۽ تڪليف ۾ ورتل مريضن کي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدم??ون واکاڻ جوڳيون آهن، نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عو??تن ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادايئگين کي بهتر بڻائن جي ضر??رت آهي، پاڪستان ۾ نرسنگ جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ ۽ معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جار بيان موجب وزيراعظم نرسز جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا ۾ نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انسانيت جي خدمت تي سڄي دنيا خاص ط??ر تي پاڪستان جي نرسز جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. نرسز انسانيت جي خدمت جو تمام وڏو شعبو آهي، ان جي طبي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، ڪورونا وبا ۾ نرسز ڊاڪٽرز سان گڏجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ کان بنا قابل قدر خدم??ون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته ڊاڪٽرز سان گڏوگڏ نرسز به پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي ڪورونا جي جنگ وڙهي، ڊاڪٽرز ۽ نرسز ڪورونا جي مشڪل ترين صورتحال ۾ پنهنجي خانگي زندگي ۽ ٻارن جي لاءِ وقت به انسانيت جي خدمت تي قربان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ نرسز شاندار خدم??ون انجام ڏنيون آهن جيڪي تاريخ جو سنهري ۽ قابل فخر باب آهي. صحت جي عالمي اداري دنيا جي 100 بهترين نرسز اينڊ مڊ وائف ليڊرز جي درجابندي ۾ 10 پاڪستاني عو??تن جو سرفهرست هجڻ انهن جي خدمتن جو عالمي اعتراف آهي، پاڪستان جي نرسز کي ڪورونا دوران گهربل طبي سهول??ون نه هجڻ جي باوجود مريضن جي جان بچائي انسانيت جي خدمت جي سنهري تاريخ لکي، هن چيو ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار وڏو بنيادي ۽ اهم آهي. مشڪل حالتن ۽ تڪليفن ۾ ورتل مريضن جي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدم??ون واکاڻ جوڳيون آهن. نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل ع??رت ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادائيگين کي بهتر بڻائڻ جي ضر??رت آهي، پاڪستان ۾ نرسز جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ، معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. ع??رت نرسز خاص ط??ر تي معاشرتي نامناسب روين جو شڪار بڻجنديون آهن جنهن جي حوصلا شڪني ۽ ان ڏس ۾ آگاهي پکيڙڻ جي ضر??رت آهي.