اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان اسلام آباد ۾ مقرر چيني ناظم الامور پ??نگ چن شوئي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب چيني ناظم الامور پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ چين جي ناظم الامور پ??نگ چن شوئي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ چين دوستي دنيا ۾ پائيدار ۽ مسلسل لاڳاپن جو هڪ لازوال مثال آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو منصوبو خطي ۾ واپاري عمل کي فروغ ڏيندو، پاڪستان دنيا جي سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جو خو??هش??ند آهي.